تازه ترين

ملڪ ۾ بجلي جو مسئلو تمام گهڻو سنگين آهي، ٿر جي ڪوئلي ذريعي سستي بجلي ٺاهي سگهجي ٿي:مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ بجلي جو مسئلو تمام گهڻو سنگين آهي، ٿر جي ڪوئلي ذريعي  ملڪ لاءِ سستي بجلي ٺاهي سگهجي ٿي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سڀ کان سستي بجلي ٿرڪول پاور پلانٽ مان پيدا ٿي رهي آهي، ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي سڌو سنئون نيشنل گرڊ ۾ ويندي آهي. هن چيو ته  ٿر مان پيدا ٿيندڙ سستي بجلي سان سڄو ملڪ روشن ٿيندو آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ته پنهنجون اسپتالون بهتر ڪريو، اين آءِ سي وي ڊي، جناح ۽ ايس آءِ يو ٽي ۾ روبوٽڪ سرجري ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته  سڀ کان وڌيڪ 70 سيڪڙو گيس سنڌ مان نڪري ٿي، آئين ۾ لکيل آهي ته جتان گيس نڪري سڀ کان پهريان ان صوبي جو حق آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هلندڙ سال 4 ارب رپين جي بصر جو فصل وڪرو ٿيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيو، گهرن جي تعمير لاءِ 50 بلين وفاق ۽ 50 بلين سنڌ حڪومت ڏئي رهي آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته  بجلي مهانگي ٿيڻ سان صنعتون بند ٿي رهيون آهن، بجلي سستي ڪرڻ سان ڊيمانڊ وڌندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. سندس چوڻ هو ته هو ٿر ۾ انجنرنگ يونيورسٽي قائم ڪري رهيا آهين، جنهن ۾ شاگرد ٽيڪنيڪل ڊگري حاصل ڪري نوڪري ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
12 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون