ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هجي ته بلوچستان جهڙا واقعا ٿيندا آهن:شاهد خاقان عباسي

- Advertisement -
عوام پاڪستان پارٽيءَ سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هجي ته بلوچستان جهڙا واقعا ٿيندا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار رڪجي ويو آهي، سڀ پريشا آهن، سياسي استحڪام کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي. هن چيو ته ڊپ آهي ته ملڪ 2013ع واري صورتحال ۾ واپس نه هليو وڃي جڏهن روزانو ڌماڪا ٿيندا هئا. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڇا ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ججن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ آهي؟ ان سان پاڪستان کي ڪجهه به نه ملندو، جج پاڻ ان قانون کي رد ڪندا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي ذاتي فائدو پهچائڻ سان ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي، ملڪي ترقي جو واحد رستو آئيني رستو آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ مان سڀ کان اڳ سياسي عدم استحڪام ختم ڪرڻو پوندو، موجوده مسئلن جو حل سياسي پارٽين کي ڳولڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
21.8 ° C
21.8 °
21.8 °
57%
3.8m/s
0%
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون