- Advertisement -
ملڪ ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿيندو.
اسلام آباد ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪميٽي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي سربراهي ۾ ٿيندو.
ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ به چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس ٿيندا.
چنڊ جون شهادتون ملڻ نه ملڻ جو حتمي فيصلو مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.
ملڪ ۾ عيدالفطر جو چنڊ اڄ نظر اچڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب نئين چنڊ جي پيدائش 8 اپريل جي رات 11 وڃي 21 منٽن تي ٿي چڪي آهي.- Advertisement -
