تازه ترين

ملڪ ۾ عدليا، ادارن ۽ سياستدانن ۾ ٽڪراءُ وڌي سگهي ٿو: منظور وساڻ

- Advertisement -
پ پ جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻن يا اڍائي مهنين دوران ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، کيس چڱا ڏينهن نظر نٿا اچن، عدليا، ادارن ۽ سياستدانن ۾ٽڪراءُ وڌي سگهي ٿو. جاري ڪيل بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته ايندڙ ڏينهن سياستدانن لاءِ سٺا نظر نٿا اچن، لڳي ٿو ملڪ ۾ ڪا وڏي صفائي ٿيندي. هن چيو ته سياستدان پاڻ ۾ وڙهڻ بدران جمهوريت جي بقا لاءِ سوچن، خوش فهمي ۾ نه رهن، حالتون سندن لاءِ سٺيون ناهن. منظور وساڻ چيو ته تحريڪ انصاف ۽ پي ٽِي آءِ باني بند گهٽيءَ ۾ ڦاسي پيا آهن، ڏاهپ سان ئي نڪري سگهن ٿا، پي ٽي آ ءِ کي ان حد تائين نه وڃڻ گهرجي، جو واپسي جو ڪو رستو ئي نه بچي. پ پ اڳواڻ چيو ته سياستدان نه هوندا ته هي ملڪ به نه هلي سگهندو، اهڙو به وقت اچي سگهي ٿو جو ڪو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ به تيار نه هجي، آصف زرداري ملڪ لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
50 %
3.3kmh
20 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون