- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ون يونٽ مڙهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته نقصان ملڪ جو ئي ٿيندو.
نئين ديري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گارگند واري سياست ذاتي دشمني تائين پهچي چڪي آهي.
هن چيو ته نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست سان ملڪ جو ڪهڙو نقصان ٿيندو ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ناهي.
سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ فيصلن سبب تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري ٿي آهي، ڪابل وڃي چانهن پيئڻ وقت سوچو ئي نه ته ملڪ کي ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمريڪا طرفان افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته ڪي پي کان ڪچي تائين آمريڪي هٿيار ملي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پ پ جا جيالي دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، 8 فيبروري تي نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪيو ويندو.- Advertisement -
