ملڪ ۾ کنڊ ڊبل سنچري مڪمل ڪرڻ بعد اگهه ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي.
ڪوئيٽا ۾ ڪالهه هڪ ڪلو کنڊ تي 15 رپيا وڌيا، اڄ وري قيمت ۾ 15 رپيا اضافي بعد في ڪلو قميت 220 رپيا ٿي وئي آهي.
چئن ڏينهن ۾ کنڊ جو اگهه 40 رپيا وڌي وئي آهي، جڏهن ته چمن هڪ ڪلو کنڊ 230 رپين جي وڪرو ٿي رهي آهي.
ڪراچي ۾ کنڊ به 200 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي، جڏهن ته لاهور جي اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ 176 رپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي.
سرگوڌا ۾ ٽن ڏينهن دوران کنڊ جي اگهه ۾ 35 رپيا في ڪلو اضافو ٿيڻ بعد 185 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي.
