- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امڪاني برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياريءَ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ 28 جون کان چوماسي جي برسات پوڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب اربن فلڊ جو خطرو آهي، لاڳاپيل ادارا پنهنجي ڀرپور تياري ڪن.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اربن فلڊ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، سعيد غني، مخدوم محبوب، ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.
ڪراچيءَ جي ڪمشنر اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ برسات دوران 310 چوڪنگ پوائنٽون آهن.
ميئر مرتضيٰ وهاب وڏي وزير کي ڪي ايم سي جي 45 نالن تي بريفنگ ڏني.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته مڪاني ادارا هيٺاهن علائقن ۽ چوڪنگ پوائنٽن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن، ادارا متحرڪ رهن ته جيئن اربن فلڊنگ جي نوبت نه اچي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته مڪاني ادارا پنهنجو هنگامي پلان تيار رکن، آبپاشي کاتو پنهنجي نظام ۾ بهتري آڻي.
وڏي وزير عيد جي موقعي تي صفائي سٿرائيءَ جو نظام به ٺيڪ رکيو وڃي، اوجهريون کڻائڻ لاءِ به قدم کنيا وڃن- Advertisement -
