منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار گرفتاريءَ کانپوءِ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

- Advertisement -
اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار گرفتاريءَ کانپوءِ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. صوبائي اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج جي عدالت اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار جي ضمانت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي. عدالت پاران اينٽي ڪرپشن جي پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي 4 آگسٽ تي جواب طلب ڪيو ويو آهي. 31 جولاءِ سومر ڏينهن ضمانت رد ٿيڻ تي اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيارڪار خير محمد ڏاهري کي گرفتار ڪيو هو. اڳوڻي ڊائريڪٽر منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين جوابدارن تي نسلا ٽاور جي زمين 7سئو گز مان وڌائڻ ۽ سرڪاري زمين جو غيرقانون نقشو پاس ڪرڻ جو الزام آهي. سپريم ڪورٽ نسلا ٽائور جي غير قانوني اڏاوت خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
20%
3m/s
2%
سُومر
22 °
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °
جمعو
24 °

تازه ترين خبرون