مهانگائي جي شرح تيزيءَ سان گهٽ ٿي رهي آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي جي شرح تيزيءَ سان گهٽ ٿي رهي آهي، مهانگائي جي شرح 32 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 9 ڏهائي 6 سيڪڙو تائين اچي چڪي آهي، مسلسل معيشيت جو رخ درست ٿيڻ جا اشارا ملي رهيا آهن،  وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي،  قومن جي زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا آهن، ڪنٽرول ڪري ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، پاڪستان جلد ڏکيائين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو، مهانگائي گهٽ ٿيندي رهي ته پگهاردار طبقي تان بارگهٽ ٿي ويندو. ن ليگ سان تعلق رکندڙ ينگ پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته آءِ ايم ايف جو اجلاس 25 سيپٽمبر تي واشنگٽن ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان جو قرض معاملو به بحث هيٺ ايندو. هن چيو ته معيشت  آهستي آهستي درست ٿي رهي آهي، مهانگائي جي شرح تيزيءَ سان هيٺ پئي اچيَ، سمنڊ پار پاڪستانين طرفان ناڻو موڪلڻ وارو عمل به وڌي رهيو آهي، ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيوته رستو ڏکيو آهي، منزل ماڻڻ لاءِ ڏينهن رات  محنت ڪرڻي پوندي، ترقي رڳو انهن قومن کي ملي جن حالتون تبديل ڪرڻ جو عزم ڪيو. شهبازشريف چيو ته مهانگائي گهٽ ٿيندي رهي ته پگهاردار طبقي تان بار گهٽ ڪيو ويندو. وزيراعظم چوڻ هو ته ڪنهن به هڪ شعبي تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ درست ناهي، واپارين کي ٽيڪس نيٽ ۾ وڌيڪ حصو شامل ڪرڻو پوندو. شهبازشريف چيو ته سعودي عرب، يو ايَ ايِ ۽ چين ڪردار ادا نه ڪن ها ته آءِ ايم ايف پروگرام نه ملي ها.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
31%
1.6m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون