- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واڌ ۽ مهانگائي جي شرح کي هاڪاري قرار ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي ۽ ناڻي واڌ جي شرح به 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، معاشي ماهرن طرفان سيپٽمبر مهيني دوران ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي سٺو سنوڻ آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فچ کانپوءِ موڊيز طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ کي اپ گريڊ ڪرڻ پاڪستان جي هاڪاري معاشي انگن اکرن جو اعتراف آهي.
هن چيو ته حڪومت طرفان معاشي سڌارن جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي، حڪومت جي رائيٽ سائزنگ پاليسي تي به تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي هو پاڻ نگراني ڪري پيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت طرفان عوام کي بجلي بلن ۾ وڏو رليف ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته پئٽروليم شين جا اگهه به گهٽ ڪيا ويا آهن، حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت سمورا فائدا عوام تائين پهچائڻ ۾ يقين رکي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشيت استحڪام طرف وڌي رهي آهي.
هن چيو ته عوام جو احساس آهي حڪومت عوام جي ڏکيائي ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي ۽ ناڻي واڌ جي شرح به 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، معاشي ماهرن طرفان سيپٽمبر مهيني دوران ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي سٺو سنوڻ آهي.- Advertisement -
