تازه ترين

صدر آصف زرداري جي منظوري کانپوءِ  ِارسا کي وفاق جي ڪنٽرول ھيٺ آڻڻ لاءِ خطرناڪ ترميمن تي ٻڌل ايڪٽ تيار

- Advertisement -
صدر آصف زرداري جي منظوري کانپوءِ  ِارسا کي وفاق جي ڪنٽرول ھيٺ آڻڻ لاءِ خطرناڪ ترميمن تي ٻڌل ايڪٽ تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب  ايڪٽ جي مسودي ۾ ارسا جي ھاڻوڪي بيھڪ کي مڪمل طور تبديل ڪرڻ وارين شقن تي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر سخت اعتراض واري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب وفاقي سرڪار چيئرمين جي سڌي ريت مقرر ڪندي، ميمبرن جي ھوندي ماھرن جي ڪميٽي جوڙڻ تي سنڌ  اعتراض واريو آهي. ارسا قانون ۾ ڪا بھ تبديلي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري کان سواءِ ڪرڻ تي بھ سنڌ جي ميمبر اعتراض واريو. سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل ايوان صدر ۾ ارسا بابت ٿيل گڏجاڻي جي منٽس آف ميٽنگ توڙي تجويز ڪيل ترميمي ايڪٽ جا ڪاغذ ھٿ ڪري ورتا. ايوان صدر ۾ ٿيل ھڪ اھم گڏجاڻي ۾ صدر آصف زرداري ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي باقاعدي منظوري ڏني ۽ منٽس جاري ٿيا. ذريعن موجب صدر جي منظوري کانپوءِ ارسا سميت مختلف فورمن تي ٿيل اھم گڏجاڻين ۾ ترميمي ايڪٽ تي غور ويچار ٿيو. ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي پنھنجا اعتراض لکت ۾ پيرا وائيز ڄاڻائي ان جي ڪاپي سنڌ سرڪار کي موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب سنڌ جي نمائندي جي لکت اعتراضن باوجود ارسا چيئرمين معاملي تي قانون سازي لاءِ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو. ذريعن موجب سنڌ سرڪار معاملي جي حساسيت کي سمجھندي ان بابت پارٽي چيئرمين کي بھ پنھنجي خدشن بابت آگاھي ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ناليواري ماھر فضل الله قريشي ايڪٽ آڻڻ جي طريقيڪار تي اعتراض ڪندي سنڌ سرڪار کي اھو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿارڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي. ماھر نصير ميمڻ جو چوڻ آھي تھ ان ايڪٽ جي منظوري کان پوءِ پاڻي جي ورڇ وارو ٺاھ مڪمل طور بي اثر ٿي ويندو. اڳوڻي چيئرمين سيد مظھر شاھ انڪشاف ڪيو تھ اھا ڪوشش 2016 کان ٿي رھي ھئي تھ ارسا وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڪجي، ان سان سنڌ جي آبادگارن کي گھڻو نقصان ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
broken clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
40 %
3.1kmh
52 %
آچر
28 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون