موجوده حالتن جو حل چونڊون ناهن، قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، نمبر پورا هوندا ته بل پاس ٿيندو : يوسف رضا گيلاني

- Advertisement -
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته موجوده حالتن جو حل چونڊون ناهن، قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، نمبر پورا هوندا ته بل پاس ٿيندو، پرڏيهي معاملن بابت پاليسي وفاق جو اختيار آهي، علي امين گنڊاپور جي افغانستان بابت بيان کي ڪير به سنجيده نه وٺي رهيو آهي، پيپلزپارٽي ذاتيات کان مٿانهون ٿي ڪري هميشه ملڪ لاءِ سوچيو آهي، ڪابه هڪ پارٽي ملڪ نٿي هلائي سگهي، سڀني کي گڏجي هلڻو پوندو. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته جڏهن هو وزيراعظم هو ته اعلان ڪيو ته هن ملڪ کي هڪ پارٽي نٿي هلائي سگهي، ملڪي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان سينيئر سياستدان آهي، هو سندس احترام ڪن ٿا، جن سندن مٿان ڪيس ٺاهيا اڄ کين ووٽ ڏئي رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته هو گورنر راڄ جي حق ۾ ناهي، حالتن موجب گورنر راڄ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي، موجوده حالتن جو حل چونڊون ناهن، قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، نمبر پورا هوندا ته بل پاس ٿيندو. يوسف رضا گيلاني چيو ته علي امين گنڊاپور جي افغانستان بابت بيان کي ڪير به سنجيده نه وٺي رهيو آهي، پيپلزپارٽي ذاتيات کان مٿانهون ٿي ڪري هميشه ملڪ لاءِ سوچيو آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
45%
2.8m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون