- Advertisement -
مورو شھر جي مين روڊ تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ واٽهڙو پڻ زخمي ٿي پيو.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ڀاءُ ڀيڻ جي سڃاڻپ شھر جي ٻانڌي روڊ واسي 27 سالن جي عبدالوحيد ۽ ساجده ولد عبدالخالق سابقي طور ٿي آھي، جڏھن ته زخمي واٽهڙو جي سڃاڻپ غلام سرور رحماني طور ٿي آھي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان پنھنجي ڀيڻ سان گڏ شھر وڃي رھيو ھو ته جوابدارن سندن مٿان فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڀيڻ ۽ ڀاءُ ساجده ۽ عبدالوحيد سابقي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏھن ته ھڪ واٽهڙو سخت زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ هو ته اطلاع تي پهچي مارجي ويل ڀاءُ ڀيڻ ۽ زخمي واٽهڙو کي کڻائي سول اسپتال مورو منتقل ڪيو ويو آھي.
پوليس جو چوڻ آهي ته معاملو زمين جي تڪرار تان شروع ٿيو جنھن سبب اڄ ٻح قتل ٿي ويا آھن.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ڀاءُ ڀيڻ جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
