- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته صحت بابت اندورني ۽ پرڏيهي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، سڄي دنيا ۾ صحت جي مسئلن جو حل ضروري آهي، وبائي مرضن کان بچاءَ جي اپائن لاءِ مضبوط قدم وقت جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو.
اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن واري گلوبل هيلٿ سڪيورٽي سمٽ جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پهرين عالمي هيلٿ سڪيورٽي سمٽ ڪوٺائڻ پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، سڄي دنيا ۾ صحت جي مسئلن جو حل ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته صحت بابت اندورني ۽ پرڏيهي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، علاج هر شهري جو بنيادي حق آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو.
نگران وزيراعظم چيو ته گڏيل تحقيق سان وبائي مرضن جي علاج جو طريقيڪار ڳولهڻو پوندو، صحت جي نظام جي بهتري لاءِ مانيٽرنگ تمام ضروري آهي دنيا کي عام انسان جي صحت جي باري ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو…- Advertisement -
