تازه ترين

موسميات کاتي سامونڊي طوفان سامونڊي علائقن سان ٽڪرائڻ جي صورت ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

- Advertisement -
موسميات کاتي سامونڊي طوفان سامونڊي علائقن سان ٽڪرائڻ جي صورت ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ڊي جي موسميات مهر صاحبزاد خان موجب سائڪلون سبب ملڪ ۾ وڌيڪ برساتون ٿي رهيون آهن، مهاڻا پهرين سيپٽمبر تائين سمنڊ ۾ نه وڃن. هن چيو ته سامونڊي طوفان سبب تيز هوا خطرناڪ آهي، ان سان انفرااسٽڪچر کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. ڊي جي موسميات جو چيو ته سامونڊي طوفان جا اثر ڏکڻ کان اتر ۾ ايندڙ هفتي ڏسڻ ۾ ايندا، آگسٽ ۾ مجموعي طور سئو سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي، جڏهن ته سنڌ ۾ 318 سيڪڙو برساتون ٿيون آهن. هوڏانهن چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڊيپ ڊپريشن ڪراچيءَ جي ڏکڻ ۾ 167 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڊيپ ڊپريشن  طاقتور طوفان جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته طوفان برساتون وسائڻ وارو سسٽم صبح تائين اتر اوڀر عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ان ڪري مهاڻا 31 آگسٽ تائين گهري سمنڊ ۾ نه وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
65 %
1.2kmh
93 %
خميس
22 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
29 °

تازه ترين خبرون