آئيني ترميمن جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويئي، پ پ وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آئيني ترميمن جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي.
پ پ وفد جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ آئيني ترميمن جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن مشاورت سان اڳتي وڌڻ تي به اتفاق ڪيو.
ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد نويد قمر چيو ته مولانا فضل الرحمان سان آئيني ترميمن تي مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اپوزيشن جي ٻين جماعتن سسان به ملندا ۽ سندن خدشا ختم ڪندا.
پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پ پ حڪومت ۾ شامل نه آهي پر حڪومت جي حمايتي ضرور آهي، آئيني ترميمن جو مسودو حڪومت طرفان ايندو، هو ان معاملي تي قومي مفاهمت جي ڪوشش ڪندا.
نويد قمر جو چوڻ هو ته ڳالهين سان ئي معاملن کي حل ڪرڻ گهرجي، ڪوشش آهي اتفاق راءِ سان کي جمهوري معاملا هلي سگهن.
