تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ميثاق جمهوريت ۾ سياسي پارٽين ۽ ادارن کي شامل ٿيڻو پوندو : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياست ۾ گارگند تي يقين ناهي، ادارن کي به دائري ۾ رهڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو نتيجو آهي، سياسي جدوجهد ذريعي پي ٽي آءِ چيئرمين کي گهر ڀيڙو ڪيو، ميثاق جمهوريت ۾ سياسي پارٽين ۽ ادارن کي شامل ٿيڻو پوندو،  پاڻ ۾ گيمز رولز طئه ڪرڻا پوندا، سياسي قوتن کي گڏجي ويهي طئه ڪرڻ پوندو ته فيصلي جو اختيار ڪنهن کي هجڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوري جدوجهد ذريعي سليڪٽيڊ سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو.

هن چيو ته  ميثاق جمهوريت ۾ سياسي پارٽين ۽ ادارن کي شامل ٿيڻو پوندو،  پاڻ ۾ گيمز رولز طئه ڪرڻا پوندا.

پ پ چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جو نتيجو آهي،  پي ٽي آءِ حڪومت ۾ رهندي سموريون ريڊ لائنز پار ڪيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته   بدقسمتي سان مخالف ڌر جي پارٽي ماضي مان ڪو به سبق نه سکيو آهي، جمهوري سفر کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پ پ چيئرمين چيو ته هنن سدائين جمهوريت جي تسلسل لاءِ ڪوششون ڪيون،  نوجوان روايتي سياست کان تنگ اچي چڪا آهن، هنن سدائين مهذب انداز ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو، سياست ۾ گارگند تي يقين ناهي، ادارن کي به دائري ۾ رهڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي قوتن کي گڏجي ويهي طئه ڪرڻ پوندو ته فيصلي جو اختيار ڪنهن کي هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته سياست ۽ جمهوريت جي مضبوطي سندن ترجيح هجڻ گهرجي، اهڙو عمل نه ڪيو وڃي، جنهن جو فائدو ٽئين قوت کي ٿئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون