ميرپورخاص جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ماڊل ٽرائل ڪورٽ جواد قمبراڻي جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار انور علي چانڊيو کي موت ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڪجھه مھينا اڳ ٽنڊو الهيار واسي نوجوان جواد قمبراڻي کي قتل بعد سندس لاش کي ميرپورخاص جي تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ ڦٽو ڪيو هو جنھن جو ڪيس مقتول جي چاچي رياض قمبراڻي جي فرياد تي جوابدار انور علي چانڊيو تي داخل ڪيو ويو ھو.
