- Advertisement -
ميرپورخاص جي عدالت پوليس حراست ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس جي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي پوليس حراست ۾ ٿيل قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ڪيس ۾ نامزد 23 جوابدارن مان 12 جوابدار عبوري ضمانت تي آهن، اڳوڻي ايس ايس پي چوڌري اسد علي سميت 5 پوليس اهلڪار روپوش آهن، جڏهن ته 6 جوابدار گرفتار آهن.
فريادي ڌر جي ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر عدالت ٻاهران ڳالهائيندي چيو ته عدالت سڳوري ۾ جوابدار ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
