- Advertisement -
ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ گرفتار سي آءِ اي پوليس جي چار اهلڪارن کي چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل سي آءِ اي پوليس جي سب انسپيڪٽر هدايت الله ناريجو، نادر آرائين، قادر ۽ فرمان کي پيش ڪيو ويو.
عدالت چئني اهلڪارن کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت طرفان جوابدارن کي رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.- Advertisement -
