- Advertisement -
کهڙا مان معصوم نينگر پراسرار طور گم ٿي ويو آهي، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو.
غريب آباد پاڙي مان 10 سالن جو ڀويش ڪمار گذريل ڏينهن شام 5 وڳي کان پراسرار طور گم ٿي ويو آهي، وارثن سندس اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو.
پراسرار طور گم ٿي ويل نينگر جي چاچي شنڪر ڪمار جو چوڻ آهي ته نينگر گذريل ڏينهن شام جو دوڪان کان گھر ويندي پراسرار طور گم ٿي ويو آهي، ڪافي ڳولا باوجود ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.
هن چيو ته شڪ آھي ته نينگر کي اغوا ڪيو ويو آهي.
ھن وس وارن کان واقعي جو نوٽيس وٺي نينگر ڀويش ڪمار جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.- Advertisement -
