- Advertisement -
ميرپورخاص ۾ قريشي پيٽرول پمپ وٽ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو.
ڪار جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار ارشاد احمد زخمي ٿي پيو.
موقعي تي موجود ماڻهن زخمي اهلڪار کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ڪار ٻه نينگر هلائي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، پوليس ٻنهي ڇوڪرن کي آزاد ڪري ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
حادثي ۾ فوت ٿيل اهلڪار جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
