- Advertisement -
ميرپورخاص ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، پيءُ پاران ڌيءَ سان لڄالٽ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس لڄالٽ جي الزام ۾ جوابدار کي گرفتاري ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
عورت فاطمه شيخ وومين ٿاڻي تي پهچي پنهنجي مڙس خلاف سندس نياڻي سان لڄالٽ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو.
ايف آءِ آر ۾ عورت موقف اختيار ڪيو ته سندس مڙس افضل شيخ پنهنجي نياڻي سان ٻن سالن کان زيادتي ڪندو پيو اچي.
هن چيو ته ، نياڻي کيس دانهن ڏني، جنهن تي هن مڙس کي سمجهايو ته هو کيس ڌمڪائڻ لڳو.
وومين پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار افضل شيخ کي گرفتار ڪيو آهي.
پوليس موجب ، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ متاثر ناري جو ميڊيڪل ڪرايو ويندو.- Advertisement -
