ميرپورخاص ۾ تعليمي بورڊ جي ملازمن پاران ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ارشد زبير، نعمان راجپوت، مير محمد پالاري، شريف قريشي ۽ ٻين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي بورڊ آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙ ملازمن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن مھينن کان پگھارون نه ملڻ ۽ مھانگائي سبب سندن گھرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال ڇانيل آهي.
ھنن چيو ته في نه ھجڻ سبب ٻار اسڪول نٿا وڃي سگھن ڪرائي تي رھندڙ ملازم ڪرايو نه ھجڻ سبب تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سندن چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڏانھن تعليمي بورڊ ميرپورخاص جا ھڪ ارب رپيا رھيل آھن جيڪي نه ملڻ سبب بورڊ سميت ڪم ڪندڙ ملازم سخت مالي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙ ملازمن تعليمي بورڊ چيئرمين سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور پگھارون ڏئي سندن ٻچن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.


