ميرپورماٿيلو: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو ٽيجهو ٿي گذريو

- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي ٽيجهي سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،  جڏهن ته ايڌي فاؤنڊيشن جي سربراھه سعد رضوي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي کي رحيم يار خان کان ڪراچي منتقلي دوران ايئر ايمبولنس جو ڀاڙو واپس ڪري ڇڏيو. ميرپور ماٿيلي ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي ٽيجهي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن سميت قلم ڌڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ايڌي فاؤنڊيشن جي سربراھ سعد رضوي  ميرپور ماٿيلي ڀرسان شھيد نصرالله گڏاڻي جي ڳوٺ قبول گڏاڻي پھچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سعد رضوي، شھيد نصرالله گڏاڻي کي رحيم يار خان جي اسپتال کان ڪراچي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران ورتل ڀاڙي جي رقم شھيد جي امڙ کي  واپس ڪري ڇڏي. سعد رضوي جو چوڻ هو ته نصرالله گڏاڻي کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ فوري طور تي ايئر ايمبولينس موڪلڻي ھئي، ڀاڙي بابت ھيٺين عملي کي ڄاڻ نه ھئي، ان ڪري هو واپس ڪرڻ آيو آهي. ٻئي طرف مقتول جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. ميهڙ واقعي جو ڪيس وڙهندڙ ام رباب به شھيد نصرالله گڏاڻي جي تڏي پھچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
39%
2.4m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون