- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت اعليٰ سطحي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وفاقي وزير پاور ڊويزن اويس لغاري، سيڪريٽري پاور ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا.
اجلاس ۾ لوڊشيڊنگ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.
اجلاس ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد بابت تازا ترين صورتحال بابت بريفنگ ڏني ويندي.
بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ويندي.- Advertisement -
