- Advertisement -
ميرپور خاص ڀرسان تيز رفتار بس ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
رات دير سان ڊگھڙي ميرپور خاص روڊ تي انٽري گيٽ تي تيز رفتار بس ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻُ اڪمل اجميري فوت ٿي ويو جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ٻڌايو پيو وڃي ته دعوت اسلامي جو قافلو ڊگھڙي کان ميرپور خاص روانو ٿي رهيو هو ته حادث جو شڪار ٿي ويو.
مسافر بس ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، زخمين کي مقامي ماڻهن ۽ پوليس موبائلن ذريعي سول اسپتال ڊگھڙي منتقل ڪيو ويو.- Advertisement -
