ميرپور خاص ڀرسان شادي تقريب جي دعوت ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 50 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش

- Advertisement -
ميرپور خاص ۾ شادي تقريب ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 50 کان وڌيڪ ڄاڃي بيهوش ٿي ويا جن کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال آندو ويو. جهڙٻي جي رهواسي ملڪ برادري جي ڄڃ ميرواه گورچاڻي ويجهو ٻيلاڙو شاخ تي وٽ هال ۾ آئي جتي زهريلو کاڌو کائڻ سبب 50 کان وڌيڪ ڄاڃي بيهوش ٿي ويا. بيهوش ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن جن کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال ميرپور خاص آندو ويو. ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ويجهو مائٽن جي ڄڃ ۾ ويا هئا جتي وڏي جي گوشت جو قورمو کائڻ سبب سندن 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي. هوڏانهن ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مطابق دعوت ۾ کاڌو کائڻ سبب فوڊ پوائزنگ ٿي آهي,بيهوش ٿيندڙن جو علاج جاري آهي، ڪجهه دير ۾ حالت صحيح ٿي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
18%
1.6m/s
18%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون