- Advertisement -
ميرپو ماٿيلي ويجهو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته داد لغاري لنڪ روڊ تي گشت دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ويو آهي جڏهن ته سندس 6 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.
پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ مهيوال عرف آغا بوزدار جي نالي سان ٿي آهي، سندس قبضي مان هڪ پسٽل ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن.
پوليس موجب فرار ٿي ويل جوابدارن جي به سڃاڻپ ٿي وئي آهي جن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار چوري، ڦر وارداتن ۽ پوليس مقابلن سميت ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي…….- Advertisement -
