مٺي ۾ مين پرائمري اسڪول ۾ بجلي بند هئڻ خلاف شاگردن ۽ استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
پرائمري اسڪول جي شاگردن ۽ استادن هريش مهراج، وڪرم ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسڪول جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ سبب هو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هنن چيو ته حيسڪو انتظاميا کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود اڃا تائين ڪوبه تدارڪ ناهي ٿيو.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي جلد بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.


