تازه ترين

مٽياري جي ڊي سي طرفان قومي شاهراهه جي حالت ۽ موٽروي پوليس جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڊي سي مٽياري طرفان آءِ جي موٽروي ۽نيشنل هاءِ وي پوليس کي خط لکي موٽروي پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت ڳڻتي ظاهري ڪئي وئي آهي.

خط ۾ چيو ويو آھي تھ نيشنل هاءِ وي تي هيوي گاڏين ۽ مسافر گاڏين جي اوور ٽيڪنگ کي روڪڻ لاءِ  موٽروي پوليس جون 4 موبائيل ٽيمون ۽ ايمبولينسون آهن.

ڊي سي مٽياري جو چوڻ آھي تھ جڏھن کان چارج ورتي ان ڏينهن کان نيشنل هاءِ وي  تي 15-20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رڳو موٽروي پوليس جون 4 ڪارون ڏٺيون آھن، جيڪي صرف گاڏين جو چالان ڪري پئسا وصول ڪرڻ تائين مصروف آھن.

خط موجب موٽروي پوليس ايڇ ٽي وي ۽ ايل ٽي وي گاڏين کي لين ۾ ڪنٽرول ڪرڻ بدران صرف وصولي ڪري ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي.

ڊي سي مٽياري چيو تھ روڊ تي کيس شايد ئي  ڪا موٽروي پوليس جي ايمبولينس نظر آئي ھجي، حادثن جو شڪار گاڏين کي هٽائڻ لاءِ موٽروي پوليس جي ڪا ڪرين يا مشنيري به موجود ناهي.

ڊي سي مٽياري چيو تھ کيس اميد آهي ته ذاتي دلچسپي وٺي ان حوالي سان قدم کنيا ويندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
25 %
2kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون