نئون ديرو ويجهو 10 ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ۾ زخمي ٿيل اهلڪار دم ڏيئي ڇڏيو.
زخمي پوليس اهلڪار وسيم جروار لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج دوران زندگي جي جنگ هارائي ويو.
شهيد اهلڪار جو مڙهه لاڙڪاڻي کان نئون ديرو آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ مڙهه ڳوٺ سانول جروار نيو ويندو.
شهيد اهلڪار جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي پوليس اعزاز سان سلامي کانپوءِ مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
واضع رهي ته پوليس اهلڪار ڳوٺ سانول ويجهو رائيس ڪئنال وٽ ھٿياربندن سان مقابلي دوران زخمي ٿي پيو جنهن کي چانڊڪا اسپتال آندو ويو هو.
پوليس شڪ جي بنياد تي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو هو تنهن باوجود جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي هئي.
زخمي اهلڪار وسيم جروار جي وارثن ايس ايڇ او نئون ديرو مٿان جوابدارن کان رشوت وٺي کين ڇوٽ ڏيڻ جا الزام به لڳايا هئا.
