تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نئين ديري ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نئين ديري ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو.

پنجوديرو ۾ رشيده زال محمد خان ابڙو مبينا گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي وئي.

واقعي جي اطلاع تي نئون ديرو پوليس پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

رشيده ابڙو جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

واقعي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته عورت پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي.

مقتول عورت جي ڏير شفيق ابڙو ٻڌايو ته هو ڀاءُ کان ٿورو پري رهندا آهن، ڀاءُ فون ڪري ٻڌايو ته رشيده پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي، هو اطلاع ملڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

هن چيو ته ڀاڄائيءَ کي تڪليف هوندي هئي جنهنڪري پريشان به رهندي هئي خبر ناهي ته اهڙو انتهائي قدم هن ڇو کنيو آهي.

پوليس موجب، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعو آپگهات آهي يا قتل پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد خبر پئجي ويندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
15 %
5.4kmh
29 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون