- Advertisement -
نئين سال تي هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ تي پابندي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد شمريز ۽ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ پاڪستان رينجرز هيڊ ڪوارٽرز ۾ سيڪيورٽي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جيز ڪراچي ۽ اسپيشل برانچ، گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري، جوائنٽ ڊي جي آءِ بي، ڊي آءِ جيز سي ٽي ڊي ڪراچي، ويسٽ، ٽريفڪ، ايسٽ، ايس پي يو، سي آءِ اي ۽ سائوٿ پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران گذريل اجلاس ۾ منظور ڪيل سڪيورٽي ايڪشن پلان تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ قائداعظم جي ڏهاڙي، ڪرسمس ۽ نئين سال جي جشن جي حوالي سان سڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي موجوده صورتحال ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڏوهارين خلاف رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن کي تيز ڪرڻ، شهر جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن ۽ بين الصوبائي چيڪ پوسٽن تي چيڪنگ جي عمل کي وڌيڪ سخت ڪرڻ تي غور ڪري هدايتون جاري ڪيون ويون.
اجلاس ۾ حڪومت پاران جاري ڪيل حڪمن جي روشني ۾ نئين سال جي موقعي تي هٿيارن جي نمائش تي پابندي، هوائي فائرنگ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس دوران قائد جي ڏهاڙي، ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعي تي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ ۽ ڪنهن به سڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳو ڪندڙ ادارن پاران گڏيل ايڪشن پلان جي منظوري ڏني وئي.- Advertisement -
