تازه ترين

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ماسڪو ۾ روسي صدر ۽ پرڏيهي وزير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ماسڪو ۾ روسي صدر ۽ پرڏيهي وزير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ماسڪو ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ روس ٻطرفي ۽ علائقائي سهڪار کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ايس سي او ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ماسڪو ۾ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ترجمان موجب اسحاق ڊار ايس سي او اجلاس جي ڪاميابي تي روسي پرڏيهي وزير کي مباڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪ روس ٻه طرفن لاڳاپن ۽ ان جي هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ کاتيوار مڪينزم جي اهم ڪردار جي واکاڻ ڪئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.8kmh
15 %
آچر
23 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون