تازه ترين

ناراضگي جي نالي تي دهشتگرديءَ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي:اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ناراضگي جي نالي تي دهشتگرديءَ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، الله تعاليٰ ڪلمي جي نالي تي قائم ڪيل ملڪ جي قيامت تائين حفاظت ڪندو، سياسي ڏڦيڙ نه هجي ها ته ملڪ معاشي طاقت بڻجي وڃي ها، حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. لاهور ۾ داتا گنج بخش جي عرس جي تقريبن جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اڄ هڪ نئين منصوبي جو افتتاح ٿيو آهي، مديني منوره جهڙيون ڇٽيون ٺاهيون وينديون. سندس چوڻ هو ته هي ملڪ ڪلمي شريف جي نالي سان ٺهيو هو، الله تعاليٰ ملڪ جي قيادت تائين حفاظت ڪندو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو ويو، هي ملڪ ميزائلي طاقت به بڻجي چڪو آهي، هاڻي ملڪ کي معاشي طاقت بڻائڻو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته 2017ع ۾ سياسي عدم استحڪام نه هجي ها ته ملڪ معاشي طاقت بڻجي وڃي ها، جِي 20 طرف ويندڙ ملڪ 47 هين معيشيت بڻجي ويو، 2018ع بعد مهانگائي جو طوفان آيو ۽ بجلي جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هن چيو ته حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، نواز شريف جي دور ۾ دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ نواز شريف جي رهنمائي ۾ ڏينهن رات ڪوششون ٿي رهيون آهن ته عوامي مسئلا حل ڪري سگهجن، معيشيت کي ترقي ڏياري وڃي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ناراضگي جي نالي تي دهشتگرديءَ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، وفاق، چئني صوبن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان هڪ گلدستي جيان آهن، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري رهيو آهي ۽ 9 مئي جي ذميوارن کي سزائون ملنديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
19 %
4.5kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون