- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سري نگر هاءِ وي تي مظاهرين پاران رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف حملي ۾ ملوث ماڻهن جي فوري نشاندهي ڪري کين سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي حملا قابل مذمت آهن، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪالهه شهيد ٿيل پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي معصوم ٻارن ۽ خاندانن جو ذميوار انارڪي گروپ آهي، وڳوڙ پسند گروهه خونريزي چاهي ٿو، انقلاب نه.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو پرامن احتجاج نه پر انتهاپسندي آهي، پاڪستان ڪنهن به انتشار ۽ خونريزي جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي.- Advertisement -
