- Advertisement -
ننگر پارڪر ۾ ڪارونجهر جبل جي کارسر چوٽي جي امڪاني ڪٽائي خلاف علائقي واسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
علائقي واسين پاران پونم سنگهه، منگل سنگهه، ڪارو والجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته کارسر چوٽي ڪارونجهر جبل جي پهاڙي سلسلي جو حصو آهي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته کارسر جبل تي ٺهيل قدرتي چشمي مان وهندڙ پاڻي جهنگلي جيوت جي جياپي جو ذريعو آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته کارسر چوٽيءَ کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.- Advertisement -
