تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال بجلي جي بحران تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال بجلي جي بحران تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سڄي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگي بجلي پاڪستان ۾ آهي، حڪومت ايمرجنسي لاڳو ڪري بجلي جي بحران کي حل ڪري. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان جي معيشيت بهتر ٿيندي ته ماڻهن جي حالت بهتر ٿيندي، پرڏيهي سيڙپڪاري ناهي رهي ۽ مقامي انويسٽمينٽ ٻاهر وڃي رهي آهي، سڀ کان وڏو مسئلو توانائي سيڪٽر ۾ مس مينجمينٽ جو آهي. سندس چوڻ هو ته هر ڪو هڪٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ ۾ رڌل آهي،  اڄ بجلي ناهي پر بل اچي رهيا آهن، پاور سيڪٽر بابت مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون. ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ هر ڪو پاور سيڪٽر جي بحران کان متاثر آهي، هي ملڪ کي لڳل سڀ کان وڏو زخم آهي، هي پاڪستان جي بقا، سڪيورٽي ۽ سلامتي جو مسئلو آهي. هن چيو ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس وڌائي پئي وڃي، گارگند جي ٽورنامينٽ هلي رهي آهي پر هو هتي ڪنهن جي تذليل ڪرڻ ناهي ويٺو، سندن وٽ بجلي فراهم ڪندڙ 20 ادارا آهن، 19 سرڪاري ۽ هڪ خانگي آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته نيپرا جي لاڳت ساڍا 8 رپيا في يونٽ آهي، پر بل ۾ 34 رپيا اچي ٿي، هن سال بجيٽ ۾ 17 سئو ارب رپيا پاور ڪمپنين کي ڏيڻ لاءِ رکيا ويا، ملڪ جي ترقي لاءِ 14 سئو ارب رپيا رکيا ويا آهن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪيپسٽي چارجز جي چڪر ۾ بجلي مهانگي ٿي وئي، بجلي بحران سبب 25 سيڪڙو انڊسٽريز بند ٿي چڪي آهي، جنهن سان 24 ڪروڙ عوام متاثر آهي، ان لاءِ ڪير به ڳالهه نٿو ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
16 %
5.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون