- Advertisement -
خانواهڻ ويجهو پيرن جي حويلي ۾ مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي شاهد نينگري اجالا کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
نينگري ۽ سندس والده جي رڙين تي ڳوٺاڻن پهچي کيس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.
مقتول نينگري فاطمه ڦرڙو جي والد نديم ڦرڙو جو چوڻ آهي ته بااثر پيرل شاهه نينگري اجالا کي اغوا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهي ڪيس جي شاهدي تبديل ڪرائي سگهن.
سندس چوڻ هو ته خانواهڻ پوليس بااثر خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ايڪشن کنيو وڃي.- Advertisement -
