- Advertisement -
نوابشاهه ۽ ڀرپاسي ايڇ آءِ وي تيزي سان پکڙجڻ لڳي.
پي ايم سي اسپتال ۾ قائم اينٽي ريٽرو وائرس ٿراپي سينٽر ۾ گذريل ٽن مهينن ۾ پنج سئو جي لڳ ڀڳ مريضن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي.
ايڇ آءِ وي انچارج غلام قادر راجپوت جو چوڻ آهي ته رجسٽرڊ ڪيل مريضن ۾ وڏو انگ ٻارڙن جو ٻڌايو پيو وڃي، داخل ڪيل 5 سئو مريضن ۾ 3 سئو ٻارڙا شامل آهن.
ايڇ آءِ وي انچارج غلام قادر راجپوت جو چوڻ آهي ته ٻارن جي اسپتال مان ٻار ايندا آهن جن جو انگ وڌي پيو.- Advertisement -
