نوابشاهه ۾ ڀاءُ مبينا طور ٻن ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
نوابشاهه ۾ ڀاءُ مبينا طور ٻن ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مهاجر ڪالوني ۾ جوابدار ڪامران علي پنهنجي ٻن ڀينرن رضيه ۽ عليشا کي بجلي جا ڪرنٽ ڏئي ماري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جوابدار ڪامران کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي. جوابدار جي ڀاءُ عمران علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀاءُ ڪامران علي پنهنجي ٻن ڀينرن کي بجلي جا ڪرنٽ ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته افسوسناڪ واقعي ۾ ملوث جوابدار خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جاچ جي بنياد تي جوابدار کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
37%
2.7m/s
0%
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون