ن ليگ جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته نوازشريف جي قيادت ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سندرا ٻـَـڌي ڇڏيا آهن، معيشت جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ ئي نوازشريف جي ايجنڊا آهي.
ن ليگ جي صدر شهبازشريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جو صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نوازشريف جي 21 آڪٽوبر تي آمد تي آجيان جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.
پارٽي اڳواڻن تائين ڪيل انتظامن بابت پارٽي صدر کي آگاهه ڪيو، شهبازشريف پارٽي اڳواڻن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.
شهبازشريف چيو ته معاشي بحران جو خاتمو ۽ عوام کي رليف ڏيڻ ئي نوازشريف جي ايجنڊا آهي، معيشت جي بحالي، قومي اتحاد ۽ دهشتگردي جو خاتمو پهرين ترجيح آهي.
ن ليگ جي صدر چيو ته نوجوانن کي روشن مستقبل ڏئي پاڪستان کي ترقي وٺرائڻي آهي.
شهبازشريف پارٽي اڳواڻن کي سمورين تنظيمن سان ڪوآرڊينيش اثرائتو بڻائڻ جي هدايت به ڪئي.
