ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف خلاف سازش ڪندڙ اڄ عوام وٽ وڃڻ لائق ناهن، نوازشريف کي اقامي جي ڪيس ۾ ڪڍيو ويو، جنهن بعد ملڪ اڄ تائين ترقي ناهي ڪري سگهيو.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته سئو ڏينهن ۾ پارٽي قائد جو آواز هنڌ هنڌ پهچي ويو آهي، ان کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه ڪهڙي هوندي.
هن چيو ته مشرف دور ۾ سندس والد کي جيل ۾ رکيو ته سندس امڙ ٻاهر نڪتي، سندس لاءِ به هي رستو آسان نه هو، هوءَ پنج مهيني ڊيٿ سيل ۾ گذاري آئي آهي، 200 کان وڌيڪ پيشيون برداشت ڪيون، والد آڏو کيس ڪوٽ لکپت مان گرفتار ڪيو ويو.
مريم نواز چيو ته نوازشريف کي اقامي جي ڪيس ۾ ڪڍيو ويو، جنهن بعد ملڪ اڄ تائين ترقي ناهي ڪري سگهيو.
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته هوءَ ۽ نوازشريف انتقام تي يقين نه ٿا رکن، جن جن نوازشريف خلاف سازش ڪئي اهي عوام ۾ نڪري نٿا سگهن، نوازشريف انشاءَ الله 21 آڪٽوبر تي واپس ايندو


