- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي صدر نوازشريف مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پارٽيءَ جي مک اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
نوازشريف جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
ملاقات دوران نوازشريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪيو ويو.
نوازشريف ن ليگ جي مک اڳواڻن جو اجلاس سومر ڏينهن مريءَ ۾ گهرائي ورتو آهي، ن ليگ جي صدر پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي به مري گهرائي ورتو آهي.
نوازشريف جي صدسارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جي اجلاس ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي.- Advertisement -
