- Advertisement -
پيپلزپارٽي قومي استحڪام کي خطري ۾ وجهندڙ غير ذميوار منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو.
نون صوبن بابت اهم بيان ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري چيو ته آئين کي بار بار سياسي مفادن لاءِ تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، پ پ جو موقف آهي ته پارليامينٽ کي ڏکڻ پنجاب تي موجود اتفاق راءِ کي لاڳو ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته ڪوبه صوبو ورهاست يا ٽڪراءَ ذريعي نٿو ٺاهي سگهجي.
پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان چيو ته پيپلزپارٽي هر آئيني معاملي ۾ اتحاد، مضبوطي ۽ ذميواراڻن فيصلن جي عملبردار آهي، نون صوبن جي مسئلي تي سياست ڪندڙ عوام کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو بند ڪن.
شازيه مري چيو ته هو اهڙي غير ذميواراڻي منصوبن کي رد ڪن ٿا جن ۾ ڪيترائي صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري قومي استحڪام کي خطري ۾ وڌو پيو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري اهي انتظامي سڌارا چاهي ٿو جيڪي وفاق کي مضبوط ڪن ڪمزور نه.
هن چيو ته قومي فيصلن لاءِ قومي اتفاق راءِ ضروري آهي، پيپلزپارٽي هميشه ڳالهين کي ترجيح ڏني آهي، ورهاست کي نه، بلاول ڀٽو زرداري جو موقف اصولي ۽ واضح آهي ته حڪمراني کي مضبوط ڪريو ۽ وفاق کي ڪمزور نه ڪريو.
شازيه مري چيو ته پيپلزپارٽي صوبائي خودمختاري کي پنهنجي جمهوري جدوجهد جو بنياد سمجهي ٿي، صوبن جي حقن ۽ اختيارن جو تحفظ ئي مضبوط وفاق جي ضمانت آهي.- Advertisement -
