تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نوشهري فيروز جي عدالت نينگري فاطما ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ ليٽر جاري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نوشهري فيروز جي عدالت نينگري فاطما ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي خيرپور روحل کوسي، اسد علي شاهه جي گهر واري حنا شاهه جي ضمانت رد ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ثبوتن جي بنياد تي حنا شاهه جي ضمانت رد ڪرائي ويندي، فاطما ڦرڙو جي واقعي تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، سڀاڻي يا سومر ڏهاڙي نينگريءَ جي قبر ڪشائي ڪئي ويندي، پوسٽ مارٽم کانپوءِ شيون واضح ٿي وينديون ته نينگريءَ سان ڇا ٿيو آهي؟.

نوشهروفيروز جي عدالت راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿيل فاطما ڦرڙو جي قبر ڪشائي لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.

سيشن جج، ايس ايڇ او راڻيپور جي درخواست تي نينگري جي قبرڪشائي لاءِ ليٽر جاري ڪيو.

سيشن جج، نينگري جي قبر ڪشائي لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ کي ليٽر جاري ڪندي کيس قبر ڪشائي لاءِ نگران مقرر ڪري ڇڏيو.

جڊيشل مئجسٽريٽ ڪنڊياري جي نگراني ۾ ڪنهن به وقت قبر ڪشائي ڪئي ويندي.

ڊي جي هيلٿ نينگريءَ جي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو.

ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ سول جج جي حڪم تي جوڙيو ويو آهي.

هن چيو ته ميڊيڪل بورڊ ۾ ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ پي ايم سي نوابشاهه، فارنزڪ ماهر پي ايم سي نوابشاهه، پروفيسر آف پيٿالاجي ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊي ايڇ او نوشهروفيروز شامل آهن.

ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ چيو ته ميڊيڪل بورڊ سول جج ڪنڊياري جي نگرانيءَ ۾ ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ فاطمه ڦرڙو جي قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
23 %
1.6kmh
100 %
اڱارو
22 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون