تازه ترين

نوشڪي غزنالي سيڪٽر ۾ افغان فورسز جي جارحيت کي ناڪام بڻايو ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان طرفان پاڪ-افغان بارڊر نوشڪي غزنالي سيڪٽر ۾ افغان فورسز جي جارحيت کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان فورسز پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي فائرنگ ڪئي، پاڪستان جوابي ڪارروائي ۾ افغان پوسٽن کي نشانو بڻايو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ جو واقعو پاڪ افغان سرحد تي ان وقت پيش آيو جڏهن پاڪستاني فورسز ڪنڊيدار تار جي مرمت ڪري رهي هئي.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان موثر ڪارروائي ڪندي افغان فورسز خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن سبب افغان فورسز کي وڏو نقصان پهتو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ موثر قدم کڻڻ جو سلسلو جاري رکندو.

سڪيورٽي ذريعن موجب افغان فورسز طرفان پهريان به بنا ڪنهن سبب جي جارحيت ڪئي وئي هئي.

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز پنهنجي علائقائي سالميت تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪندي.

سڪيورٽي ذريعن موجب افغانستان طرفان اهڙي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28 ° C
28 °
28 °
37 %
2.7kmh
29 %
اربع
28 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون