نيب، اربين رپين جي ماليت جا 81 ڪرپشن ريفرنس ٻيهر کولڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي.
نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد اهم اڳڀرائي ٿي آهي، نيب اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ڪرپشن ريفرنس ٻيهر کولڻ جي درخواست داخل ڪرائي.
نيب چيئرمين، احتساب عدلت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.
درخواست ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، يوسف رضا گيلاني ۽ مراد علي شاهه خلاف ڪيس کولڻ جي اپيل ڪئي وئي.
نيب چيئيرمين، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل خلاف ڪرپشن ريفرنس کولڻ جي به درخواست داخل ڪرائي ، ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف به ڪرپشن ريفرنس ٻيهر کولڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.


