تازه ترين

نينگري فاطما ڦرڙو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
خيرپور جي عدالت راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي تي فرد جرم لاڳو ڪندي اڳوڻي ايس ايڇ او اميرچانگ جو نالو ڪيس مان خارج ڪري ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جا فريادي فاطمه ڦرڙو جا والدين عدالت ۾ پيش نه ٿيا، سندن وڪيل صفدر ڪناسرو پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جوابدار پير اسد شاھه، پير فياض شاھه، حنا شاھه ۽ امتياز ميراثي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ڊرائيور اعجاز قاضي کي پوليس پيش ڪيو. ٻُڌڻي دوران ڪيس جو چارج فريم ٿيو جنهن بعد عدالت جوابدار جوابدار پير اسد شاھه، پير فياض شاھه، حنا شاھه ۽ امتياز ميراثي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ايس ايڇ او امير چانگ پاران سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ داخل درخواست جو فيصلو اچڻ بعد عدالتي حڪم تي سندس نالو ڪيس مان جوابدار طور خارج ٿي ويو. عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته ايندڙ ٻُڌڻي تي ڪيس جي شاهدن جا بيان ورتا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
55 %
0.3kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون